سومار خان، استاد (ننڍو)

سومار خان، استاد (ننڍو)

سومار خان استاد ننڍو

سومار خان، استاد (ننڍو): سنڌ جو سريلو طبلي نواز استاد سومار خان (ننڍو) ولد استاد خدا بخش خان 1926ع ڌاري سکر ۾ پيدا ٿيو، سندس تعلق سنڌ ۾ موسيقيءَ سان لاڳاپيل ماڙيچا گهراڻي جي جيڻا برادريءَ سان هو. هن طبلي جي سکيا استاد سومار خان وڏي کان حاصل ڪئي، جيڪو سندس خاندان جو بزرگ به هو. سومار خان ننڍو طبلي سان لاڳاپيل گنتڪاريءَ جي ڏکئي علم جو ماهر هو، جنهنڪري ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۾ طبلي تي سنگت آساني ۽ مهارت سان ڪندو هو. هو گهڻو وقت سنگت ۾ زاهده پروين ۽ استاد ڇوٽي غلام علي خان سان رهيو، حيدرآباد ۾ استاد خير محمد خان سان به ساٿ نڀايائين. گنتڪاريءَ جي علم ۾ ماهر هجڻ سبب کيس اهو به اعزاز حاصل هو ته پنجاب توڙي سنڌ جا جيڪي به ڪلاسيڪل راڳي سکر ايندا هئا، اهي استاد سومار خان ننڍي سان ملڻ ۽ ان جي سنگت ۾ ڳائڻ جي خواهش ضرور ڪندا هئا. سندس گنتڪاريءَ جي فن مان سندس دؤر جا ڪيئي ڪٿڪ پڻ فيضياب ٿيا. سومار خان ننڍو 1962ع ۾ مڪمل طور حيدرآباد لڏي آيو، جتي ڪيترو وقت استاد خير محمد خان سان سنگت ڪيائين. کيس ٽي فرزند هئا، جن مان وڏو عبدالستار پنهنجي دؤر جو وڏو سريلو طبلي نواز هو، جنهن بعد ۾ طبلي جو فن ڇڏي ’ذاڪرِ اهلبيت‘ جي حيثيت سان ڪافي ناماچاري ماڻي. سندس ٻيا ٻه فرزند الطاف حسين خان ۽ نصرت حسين خان به طبلي جي فن سان وابسته آهن، جن مان نصرت حسين خان هن وقت پاڪستان جي وڏن طبلي نوازن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ۽ هن وقت تائين پوري پاڪستان کان سواءِ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو